SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


تجنيس تام


:جامع سنڌي لغات ۾

تجنيس تام

تَجنِيسَ تامَ

ث. فقري يا مصرع ۾ ساڳيءَ صورتخطيءَ ۽ ساڳئي اچار وارن لفظن جي استعمال جي صنعت انهن لفظن جي معنيٰ ڀلي کڻي مختلف هجي ”وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو“ شاهه.

مخففن جي سمجھاڻي

(ج)= جمع؛ (ت) =اترادي ٻولي؛ (ل) = لاڙ جي ٻولي؛ (ڪ) = ڪوهستان ۽ ڪاڇي جي ٻولي؛ (ٿ) = ٿر يا ٿرپارڪر جي ٻولي؛ (ڍاٽ) = ٿر جي علائقي ڍاٽ يا ڍاٽڪي ٻولي؛ (ک) = کارو يا ٺٽي جي ساحلي علائقن جي ٻولي؛ (ڪ)-(لس) =ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ٻولي؛ (ڪڇ) = ڪڇي رياست يا ڪڇي ۽ جتڪي ٻولي؛ (ذ) = اسم مذڪر؛ (ث) = اسم مؤنث؛ (ذ، صفت) =صفت مذڪر؛ (ث، صفت) = صفت مؤنث؛ (سن) = سنسڪرت؛ (هه) = هندي؛ (پرا) = پراڪرت؛ (ع) = عربي؛ (ب) = بلوچي؛ (ف) = فارسي؛ (انگ) = انگريزي


ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت مان:

تجنيس تام

(Pun)

تام معنيٰ مڪمل. ڪلام ۾ ٻه اهڙا لفظ آندا وڃن، جي لکڻ توڙي پڙهڻ ۾ هڪجهڙا هجن. پر انهن جي معنيٰ مختلف هجي. مثال تجنيس تام: جا هَڙَ اندر جيءَ ، سا هَڙَ ڏني ساهه کي سا، هڙ ڇُڙي نه ساهه جي، ساهڙ، ساهڙ ريءَ ساهَڙُ ميڙ سميع ته سا، هَڙ ڇڙي ساهه جي. (شاهه) هن بيت ۾ ساهڙ لفظ جون ٻه معنائون آهن: هڪ جي معنيٰ آهي ساهڙُ، يعني ميهار ۽ ٻيو لفظ آهي، سا، هَڙَ يعني اُها ڳنڍ. هن کي تجنيس لفظي به چئبو آهي.


Remember Me Also:

گهمرو ڏيڻ

ڀيرو ڏيڻ، چڪر ڏيڻ. دلاسي ۾ رکڻ ، دغا ڏيڻ ، فريب ڪرڻ ، ٺڳي ڪرڻ ، نقصان پهچائڻ. عذاب ڏيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal